لاهور – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گورنر هائوس لاهور ۾ پنجاب جي گورنر چوڌري محمد س??ور ملاقات ڪئي، ان موقعي تي سياسي ۽ حڪومتي معاملن سميت پنجاب آب پاڪ اٿارٽي جي 1500 کان وڌيڪ جاري م??صو??ن، جي ايس پي پلس اسٽيٽس ۾ توسيع ??ي لاءِ يورپي پارليامينٽ ميمبرن سان رابطن ۽ پنجاب جي يونيورسٽين ۾ سڌارن سميت ٻين معاملن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پنجاب جي گورنر چوڌري محمد س??ور وزيراعظم عمران خان کي ٻڌايو ته جي ايس پي پلس اسٽيٽس ۾ توسيع جي معاملي تي آئون يورپي پارليامينٽ جي نائب صدر ڊاڪٽر فابيو سميت ٻين پارليامينٽ ميمبرن سان مڪمل رابطي ۾ آهيان ۽ جلد يورپي پارليامينٽ جو دورو پڻ ڪري رهيو آهيان جنهن ??ي لاءِ حڪمت عملي جي تياري شروع ڪئي وئي آهي. پنجاب جي گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته پنجاب آب پاڪ اٿارٽي ??ي لاهور سميت سڄي پنجاب ۾ 1500 م??صو??ن تي تيزي سان ڪم جاري آهي جنهن جي ذريعي اٽڪل 8 ملين ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاني ملندو ۽ اهي سمورا م??صو??ا هلندڙ سال ڊسمبر تائين مڪمل ٿي ويندا. هن چيو ته سمورن م??صو??ن ۾ شفافيت کي سئو سيڪڙو يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ انهن م??صو??ن ۾ ڪنهن قسم جو سياسي فرق نه ڪيو ويو. چوڌري محمد س??ور وزيراعظم عمران خان کي وڌيڪ ٻڌايو ته پنجاب جي سمورين يونيورسٽين ۾ سڌارن تي تيزي سان ڪم جاري آهي. هن چيو ته يونيورسٽين جي معاملن جي فائيلز جي عمل کي وقت سر مڪمل ڪرڻ ۾ پاڻ بطور يونيورسٽيز چانسلر سمورن معاملن جي نگراني ڪري رهيو آهيان ۽ الحمدالله اڄ پنجاب جي يونيورسٽين جو ڳاڻيٽو دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ ٿي رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان پنجاب جي گورنر چوڌري محمد س??ور کي پنجاب آب پاڪ اٿارٽي جي م??صو??ن ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عوام کي صحت ۽ تعليم سميت ٻين شعبن ۾ سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي جنهن ??ي لاءِ سمورا حڪومتي وسيلا استعمال ۾ آندا پيا وڃن. هن چيو ته حڪومت جي ڪامياب پاليسين جي ڪري پاڪستان معاشي طور تي پڻ مضبوط ٿي رهيو آهي.