اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نيشنل ڊيجيٽل ڪيبل پاليسي 2021ع تح?? ڪيب?? آپريٽرز کي نوان چينلز هلائڻ جي لاءِ سبسڪرپشن جي سهولت ملندي. اها ڳالهه هن ڪيب?? آپريٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته حڪومت نيشنل ڊيجيٽل ڪيبل پاليسي 2021ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تح?? ڪيب?? آپريٽرز جي لاءِ سبسڪرپشن ماڊل شروع ڪيو ويندو، ان ماڊل سان ڪيب?? آپريٽرز کي نوان چينلز هلائڻ جي لاءِ سبسڪرپشن جي سهولت ملندي. هن وقت اسان جي گهرن ۾ اينالاگ ڪيبل اچي رهي آهي جنهن جي ڪوالٽي نه هجڻ جي برابر آهي جڏهن ته ??ن ۾ چينلز جو انگ به گهٽ آهي. ڪيبل کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ کانپوءِ چينلز جي ريٽنگ ۾ پڻ شفافيت سان گڏوگڏ چينلز جي انگ ۾ پڻ اضافو ٿيندو. سبسڪرپشن ماڊل جي فراهمي سان ڪيب?? آپريٽرز کي مقامي ۽ عالمي مواد خريد ڪرڻ ۽ هلائڻ جي اجازت هوندي. هن چيو ته ڪيب?? آپريٽرز کي ڪامياب جوان پروگرام تح?? قرض ڏنا ويندا جنهن سان انهن کي ڊيجيٽل باڪس خريد ڪرڻ ۾ سهولت ملندي ۽ اها رقم اهي صارفين کان وصول ڪري پنهنجي قرض جي رقم واپس ڪري سگهندا. ڪيب?? آپريٽرز ايسوسيئيشن جي وفد اطلاعات واري وفاقي و??ير کي پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي و??ير ڪيب?? آپريٽرز ايسوسيئيشن جا مسئلا غور سان ٻڌا ۽ انهن جي حل جي خاطري ڪرائي. ڪيب?? آپريٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي وفد ۾ ايسوسيئيشن جو چيئرمين عرفان علي کوسو، صدر راجا اسد علي خان، جنرل سيڪريٽري غفران مجتبيٰ، سيڪريٽري اطلاعات ملڪ معظم سلطان، ڪيب?? آپريٽرز ايسوسيئيشن سنڌ جو صدر محمد اسماعيل جتوئي، ڊويزنل صدر خيرپور ذوالفقار جوڻيجو، ڏکڻ پنجاب جو صدر الياس وڙائچ، حافظ آباد مان ملڪ محمد و??ير اعواڻ، حسن ابدال مان راجا عامر، ڪيب?? آپريٽرز ايسوسيئيشن خيبرپختونخواهه جو صدر فرقان آفريدي، ڪيب?? آپريٽرز ايسوسيئيشن ڪراچي جو خزانچي سعيد شاهه، سکر مان عبدالمقيم کوسو، سکر مان نويد ابڙو ۽ اسلام آباد مان زاهد ڀٽي شامل هئا.