اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن پاڪستان جي هر شهري کي اپيل ڪئي آهي ته اهي هلندڙ برسات جي موسم ۾ هڪ وڻ ضرور لڳائين ۽ ان جي سارسنڀال به ڪن. ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ عوام جي سوالن جا سڌوسنئون جواب ڏيندي عمران خ??ن عوام کي تاڪيد ڪئي ته برسات ۾ هڪ وڻ ضرور لڳائين ۽ ان جي سارسنڀال به ڪن، ملڪ ۾ بيدردي سان وڻ ڪاٽيا وي?? آهن، اسان پنهنجي ايندڙ نسلن جو نه سوچيو، اسان جي ملڪ ۾ ڪيترين ئي موسمن سميت الله جون بي شمار نعمتون آهن، هتي اليڪشن ۾ ميٽرو جهڙا منصوبا ٺاهي 5 سال پورا ڪيا وڃن ٿا، اڳتي جي سوچ رکندڙ پنهنجي ٻارن جو سوچيند?? آهن، 10 ارب وڻ اسان پنهنجي نسلن جي لاءِ لڳائي رهي?? آهيون، ان ۾ عوام ڀرپور شرڪت ڪري. وزيراعظم چيو ته ٽي چار جاين تي وڻڪاري جي اها مهم هلائينداسين.