اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفا??ي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته سٺي ڳالهه آهي جو پارليامينٽ هلي پئي آهي، ٽي ڏينهن تائين جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سٺو نه ڏٺو ويندو. ??زي??اعظم عمران خان 5 سال پورا ڪندو، ضلعي انتظاميه ۽ پوليس اسلام آباد کي مثالي شهر بڻائي طاقتو??ن کي پڪڙن، ملڪ جو اصل مسئ??و هي آهي ته صرف غريب ئي قانون جي پڪڙ ۾ اچي ٿو. گذريل ڏينهن ايگل اسڪواڊ جي فليگ مارچ جي تقريب جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي وفا??ي وزير چيو ته اسلام آباد پوليس ۽ ضلعي انتظاميه گادي واري شهر کي مثالي شهر بڻائي اسلام آباد کي منشيات کان پاڪ ڪيو وڃي، آئس ۽ هيروئن جي وڏن وڏن ڊيلرن ۽ ريڪٽس کي پڪڙيو وڃي، قانون صرف غريبن خلاف حرڪت ۾ نه اچي، ملڪ جو اصل مسئلو اهو ئي آهي ته غريب قانون جي گرفت ۾ اچي وڃي ٿو، جڏهن ته وڏن ماڻهن خلاف ڪارروائي نٿي ٿئي.