لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان سان فيصل آباد ??ان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن مل??قات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، صلاحڪار مرزا شهزاد ??ڪبر ۽ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار پڻ مل??قات ۾ موجود هئا. وزيراعظم سان مل??قات ڪندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن ۾ چوڌري محمد عاصم نذير، نواب شير وسير، رضا نصرالله گهمن، خرم شهزاد، فرخ حبيب، فيض الله ۽ راجا رياض احمد شامل هئا. قومي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي پنهنجي لاڳاپيل تڪن ۾ ترقياتي ۽ فلاحي منصوبن جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هنن وزيراعظم کي ڪورونا وائرس جي وبا جي صورتحال کان آگاهه ڪندي ان وبا تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ حڪومتي حڪمت عملي تي خراج تحسين پيش ڪيو. ميمبرن ڪورونا وائرس جي وبا دوران م??ثر ڪارڪردگي تي فيصل آباد ??نتظاميا کي پڻ ساراهيو.