اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنجاب صوبي ۾ معياري صحت جي سهولتن ۽ اسپتالن جي تعمير سان گڏوگڏ موجوده اسپتالن جي بهتر انتظام ۽ انهن ۾ سهولتن جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏيڻ تي زور ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته اسپتالن ۽ خاص طور تي نئين قائم ڪيل صحت جي مرڪزن جي انتظام کي جديد بنيادن تي ۽ منظم طريقي سان هلائڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، ان سلسلي ۾ نجي شعب?? جي حصيدار?? جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. هو پنجاب صوبي ۾ صحت جي شعب?? جي اپ گريڊيشن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري ره??و هو. وزيراعظم کي پنجاب صوبي ۾ صحت جي شعب?? جي بهتري ۽ اپ گريڊيشن خاص طور تي وفاق جي مدد سان صحت جي مختلف منصوبن تي عملدرآمد ۽ انهن جي عوام جي لاءِ ثمرن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته صحت جي معياري سهولتن جي فراهم?? جي حوالي سان گوجرانوالا، لاهور، بهاولنگر، ليه، راجن پور، اٽڪ، ميانوالي، چڪوال جهڙ شهرن ۾ مختلف اسپتالن ۽ صحت جي جديد مرڪزن خاص طور تي ماءُ ٻار جي اسپتالن ۽ نرسنگ ڪاليجز جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي جن جي ڪل لاڳت 80 کان 90 ارب رپ??ا آهي. هلندڙ سال انهن تي اٽڪل 17 ارب رپ??ا خرچ ڪيا ويندا جنهن جي لاءِ وفاقي حڪومت جو تعاون گهربل آهي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ صحت جي معياري سهولتن جي دستيابي خاص طور تي پنجاب جي گهٽ ترقي ياف??ه علائقن ۾ دستيابي کي نظرانداز ڪيو ويندو ره??و. هن چيو ته ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت صحت جي مرڪزن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ڇو ته ان شعبي ۾ سهولتون ناڪافي آهن.