اسل??م آباد – 30 مئي (اي پي پي) صحت واري خاص معاون ڊا??ٽر ظفر مرزا ۽ قومي سلامتي واري خاص معاون ڊا??ٽر معيد يوسف چيو آهي ته ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ حڪومت سرجيڪل ماسڪ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 78 فوتگين سان هن وقت مجموعي ف??تگيون 1395 ٿي ويون آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ فوتگين ۽ ڪ??سن جي رفتار ۾ وڌيڪ تيزي جو امڪان آهي، فرنٽ لائين تي ڪم ڪندڙ هيلٿ ماهرن جي حفاظت حڪومت جي اولين ترجيح آهي، افغانستان حڪومت جي درخواست تي ضروري شين جي چرپر جي اجازت ڏني وئي آهي، پهرين جون کان 10 جون تائين وڌيڪ 20 هزار ڦاٿل پاڪستانين کي وطن واپس آندو ويندو. هو نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ گڏيل بريفنگ ڏئي رهيا هئا.