اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جو سڀ کان قيمتي اثاثو اسان جا نوجوان آهن ۽ نوجوان آب??دي جو فائدو تڏ??ن ٿيندو جڏهن اسان انهن کي تعليم ۽ هنر ڏينداسين، مديني جي رياست اسان جي لاءِ رول ماڊ?? آهي جنهن جي بنياد تي هڪ اهڙي عظيم تهذيب جو بنياد پيو جنهن 700 سالن تائين دنيا جي قيادت ڪئي، معاشري جي ڪمزور طبقن ??ي اڳتي وٺي وڃڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، غريب ۽ مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وظيفا جاري ڪرڻ مديني جي رياست جي ماڊل جو تسلس?? آهي، احساس جي تحت سموريون اسڪيمون ميرٽ ۽ شفافيت جي بنياد تي اڳتي وڌائي رهيا آهيون، ان ۾ سياسي عمل دخل نه هوندو، احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام سان پاڪستان جو بهتري?? ٽيلينٽ سامهون ايندو. احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪرڻ تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ملڪي تاريخ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وظيفا ڏيڻ جو هيستائين جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي جنهن سان کيس دلي خوشي ٿي آهي.