اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي گادي واري شهر ۾ ا??ن امان جي صورتحال ۾ بهتري جي حوصلا افزائي ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد ه?? لحاظ کان هڪ ماڊل سٽي هجڻ گهرجي، ڪمزور طبقي جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ وڏن ڏوهاري پيشي عنصرن ۽ مافيا جي خلاف وڌيڪ گهيرو تنگ ڪيو وڃي?? سي ڊي اي ۾ سڌارن جو بنيادي مقصد عوام کي بهترين شهري سهولتن جي فراهمي سان گڏوگڏ معاشي ۽ اقتصادي عمل ۾ نمايان اضافو هجڻ گهرجي ته جي??ن روزگار جا موقعا فراهم ٿين ۽ ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ا??ن امان جي صورتحال، ترقياتي معاملن ۽ شهرين کي بهترين شهري سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.