اسلام آباد – 08 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ڪرتارپور لنگهه کولڻ جي وزيراعظم عمران خان جي ويزن کي هڪ تاريخي قدم قرار ??ين??ي چيو آهي ته ڪرتارپور لنگهه کولڻ جو فيصلو اسلامي تعليم، پاڪستان جي بين المذاهب هم آهنگي جي پاليسي جي فروغ ۽ پرامن پاڙيسري جي اصولن موجب ??هي، ڪرتارپور لنگهه کولڻ سان نه رڳو سک برادري کي سندن مقدس ماڳن جي زيارت جو موقعو فراهم ٿيندو پر ان سان پاڪستان جو پرامن تشخص به دنيا ۾ اجاگر ٿيندو.