بيجنگ – 15 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پ??ڏيهي وير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪ چين دوستي علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ضروري آهي، ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل کانسواءِ خطي ۾ پائيدار امن ممڪن نه آهي، پا??ست??ن تائيوان ۽ ڏکڻ بحيره چين سميت سمورن بنيادي معاملن تي چين جي حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پا??ست??ن ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي پنجين دو?? کانپوءِ چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سي پيڪ پا??ست??ن جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، چين پا??ست??ن جي علائقائي سالميت، خودمختياري ۽ سلامتي تي پنهنجي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو، ڪشمير مسئلي تي چين جي مسلسل حمايت جا ٿورا ادا ڪريون ٿا. نائب وزيراعظم ۽ پ??ڏيهي وزير ??ين پاران گرمجوشي تي ٻڌل استقبال کي ساراهيندي چيو ته منهنجي ۽ پ????ست??ني وفد جي بهترين مهمان نوازي تي چيني قيادت جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته منهنجي چين جي نائب وزيراعظم سان مختلف موضوعن تي تعميري ۽ ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، سي پيڪ، علائقائي، جاگرافيائي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. نائب وزيراعظم ۽ پ??ڏيهي وزير ??يو ته ڳالهين ۾ پا??ست??ن ۽ چين جي ڪيترن ئي اهم معاملن تي اتفاق راءِ ٿيو، ايم ايل ون، گوادر بندرگاهه، کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي، توانائي، زراعت ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. محمد اسحاق ڊار چيو ته افغان عبوري حڪومت پنهنجي سرزمين تي دهشتگرد پناهگاهن کي ختم ڪري، شانگلا حملي جي ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائي?? پهچائينداسين، چين جي قيادت سان شانگلا حملي تي گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته شاهراهه قراقرم ٻنهي ملڪن جي واپاري لاڳاپن ۾ ڪرنگهي جي هڏي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ايندڙ سال پاڪ چين مثالي دوستي جي 73 هين سالگرهه هوندي. ان موقعي تي چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي چين جي ون چائنا پاليسي تي پا??ست??ني موقف کي ساراهه جوڳو قرار ڏيندي چيو ته چين پا??ست??ن سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ اسٽريٽجڪ حصيدار آهن، پاڪ چين دوستي پهاڙ وانگر مضبوط آهي. هن چيو ته پاڪ چين لاڳاپا علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهن، نائب وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ محمد اسحاق ڊار جو چين جو دورو اهميت رکندڙ آهي، نائب وزيراعظم کي چين جي دوري تي ڀليڪار چئون ٿا. چين جي پرڏيهي وزير ??يو ته چين ۽ پ????ست??ن جي وچ ۾ دوستي وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي، چين ۽ پ????ست??ن جا لاڳاپا گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن.