اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سيئول ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ۾ ڪوريا ايگزم بئنڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اي ڊي سي آپريشن گروپ، ام سونگ يو??گ سان ملاقات ڪئي. پڌرائيءَ موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي ۽ مستقبل ۾ تعاون جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ام سونگ يو??گ پاڪستان ۾ جاري رٿائن جا تفصيل فراهم ڪيا ۽ ان جي منظوري، جاچ ۽ عملدرآمد جي عمل تي روشني وڌي. هن منصوبن کي تصوراتي مرحلي کان وٺي تڪميل تائين پهچائڻ ۾ پاڪستاني کاتن جي ڪردار جي تعريف ڪئي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته اڪنامڪ ڊولپمينٽ ڪوآپريشن فنڊ (اي ڊي سي ايف) تحت 2022ع کان 2026ع تائين پاڪستان جي ترقياتي منصوبن لاءِ 1.1 ارب ڊالر رکيا ويا آهن جڏهن ته هن وقت تائين ٻن منصوبن لاءِ 113 ملين ڊالرن جي منظوري ڏني وئي آهي باقي منصوبن جي منظوريءَ جي عمل کي تيز ڪر?? جي ضرورت آهي. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پاڪستان جي عالمي ترقياتي حصيداريءَ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪر?? جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ تعاون جي اميد ظاهر ڪئي. وفاقي وزير ڪوريا ايگزم بئنڪ جي اي ڊي سي ايف فنڊز کي هڪ ارب ڊالرن تائين وڌائڻ تي ٿورو مڃيو. وفاقي وزير ڪوريا ايگزم بئنڪ تي زور ڀريو ته هو پاڪستان ۾ هڪ ڪنٽري آفيس قائم ڪر?? ته جيئن منصوبن جي منظوريءَ جي عمل کي تيز ۽ هم آهنگيءَ کي بهتر بڻائي سگهجي. وفاقي وزير بئنڪ کان درخواست ڪئ?? ته هو 12 التوا هيٺ منصوبن جون رسمي ڪارروايون جلد کان جلد مڪمل ڪر?? ته جيئن ان تي وقت سر عملدرآمد ٿي سگهي. هن 2022ع کان 2026ع دوران رکيل 1.1 ارب ڊالر جي فنڊ جي مؤثر استعمال تي زور ڀريو ۽ ان عمل کي تيز ڪر?? جي اهميت تي روشني وڌي. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي ڌُرين ترقياتي رٿائن کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. پاڪستان ۾ ڪوريا ايگزم بئنڪ جي ڪنٽري آفيس جي قيام کي ان ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏنو پيو وڃي.