اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن پاران قائداعظم م??مد علي جناح جي 148هين جنم ڏهاڙي جي حوالي سان تصويرن جي نمائش منعقد ڪئي وئي. انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ پاڪستان جي باني باباءِ قوم قائداعظم م??مد علي جناح جي ناياب تصويرن ۽ پينٽنگس جي نمائش منعقد ڪئي وئي، جنهن جو ??قصد نوجوان نسل کي باباءِ قوم جي يادگار جدوجهد ۽ الڳ وطن لاءِ ڏنل قربانين بابت آگاهي ڏيڻ آهي. نمائش دوران قائداعظم م??مد علي جناح جي زندگيءَ ۽ ڪاميابين جي عڪاسي ڪندڙ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. ان موقع?? تي انفارميشن سروس اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر جنرل سيد مبشر توقير شا??ه تقريب جو خاص مهمان هو، جڏهن ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عمرانه وزير، ڊائريڪٽر جنرل ثمينه فرزين ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ان موقع?? تي ڳالهائيندي ڊي جي انفارميشن سروس اڪيڊمي سيد مبشر توقير شاهه ڳالهائيندي قائداعظم م??مد علي جناح کي اميد ۽ عزم جو ??جسمو قرار ڏنو، جنهن جو اڻ ٿڪ عزم پاڪستان قائم ٿيڻ جو سبب بڻيو. هن ڊجيٽل تصويري نمائش جي ڪامياب انعقاد تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي قدمن ۽ تقريب ۾ اسلام آباد جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن کي شامل ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. سيد مبشر توقير شاهه چيو ته اسان کي پنهنجي روز مره جي زندگي ۾ قائداعظم جي نظري?? تي عمل ڪرڻ گهرجي. تقريب دوران قائداعظم جي جنم ڏينهن جي حوالي سان پينٽنگ ۽ تصويري نمائش جي مقابلي جي فاتح شاگردن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويا. هن نمائش ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن جي فني ۽ فڪري ڪوششن کي ساراهيو ۽ نمائش جو دورو ڪيو. نمائش ۾ فن سان لڳاءُ رکندڙ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي آخر ۾ قائداعظم جي جنم ڏينهن جي مُناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.