قاهره – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف قاهره ۾ اڄ خميس ڏينهن مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڊي – 8 سربراهي اجلاس کي خطاب ??ند??. 11هين ڊي – 8 سمٽ جي ٿيم ”نوجوانن ۾ سيڙپڪاري ۽ ايس ايم ايز کي سپورٽ ڪرڻ: سڀاڻي جي معيشت جي جوڙجڪ“ آهي. وزيراعظم وچ اوڀر ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور فڪر جي لاءِ غزه ۽ لبنان ۾ انساني بحران ۽ نئين سر تعمير جي چئلينجز تي ڊي – 8 جي خصوصي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ??ند??. سربراهي اجلاس جي موق??ي تي وزيراعظم جي انڊونيشيا، ايران، ترڪيه ۽ مصر جي صدر ۽ بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي چيف ??يڊ??وئيزر سان ٻطرفيون ملاقاتون متوقع آهن. پاڪستاني وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد ??سحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ شامل آهن.