اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي گڏجي پو??يو جهڙي چئلينج کي شڪست ڏيڻي آهي، جلد پاڪستان پو??يو فري ملڪ بڻجندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پو??يو اوور سائيٽ بورڊ جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جو نمائندو ڪرسٽوفر ايليا??، صحت جي عالمي اداري جو ريجنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حنان بلخي، يونيسيف روزا جو ريجنل ڊائريڪٽر سنجي وجيسيڪارا، سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول اينڊ پرويوينشن جي ڊپٽي ڊائريٽر اينڊريا فرسٽڊٽ، روٽري فائونڊيشن جو ٽرسٽي ۽ نيشنل چيئر عزيز ميمڻ، ڪنگ سلمان هيومنٽرين اينڊ ريليف سينٽر جو ڊاڪٽر زياد ميمش ۽ ڪي ايس ريليف جو هيلٿ ۽ انوائرمنٽل ايڊوائيزر ڊاڪٽر عبدالله صالح شامل هئا. وزيراعظم پاڪستان اچڻ تي ۽ پو??يو جي خاتمي جي ڪوششن ۾ پاڪستان حڪومت جو ساٿ ڏيڻ تي وفد جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ڪنگ سلمان فائونڊيشن، بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن، روٽري فائونڊيسن، يونيسيف ۽ سي ڊي سي جا ٿورا مڃيا جيڪي پو??يو جي خاتمي واري مهم ۾ پاڪستان حڪومت سان شريڪ آهن، انهن سمورين تنظيمن جو ڪردار پو??يو جي خاتمي واري مهم ۾ عالمي ڪوششن کي ظاهر ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان کي گڏجي پو??يو جهڙي چئلينج کي شڪست ڏيڻي آهي، جلد پاڪستان پو??يو فري ملڪ بڻجندو. وزيراعطم چيو ته جيستائين پو??يو کي سدائين جي لاءِ شڪست نه ڏينداسين سک سان نه ويهنداسين، پو??يو جي خاتمي جي حوالي سان سمورن صوبن کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي ۽ وفاق ۽ سمورا صوبا گڏجي پو??يو جي خاتمي جي خلاف قد?? کڻي رهيا آهن. وزيراعظم پو??يو جي خاتمي جي حوالي سان سمورن وڏن وزيرن ۽ چيف سيڪريٽرين جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وفد پو??يو جي خاتمي جي حوالي سان وزيراعظم ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. بل اينڊ ملينڊا گيٽس جي نمائندي ڊاڪٽر ڪرسٽوفر ايلياس چيو ته پاڪستان جي پو??يو جي خاتمي جي موجوده حڪمت عملي تي بهتر طريقي سان عملدرآمد ٿي رهيو آهي جنهن جا نتيجا ميڪرو سطح تي نظر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جلد ئي پو??يو ڪيسز ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي ويندي. صحت جي عالمي اداري جي نمائندي ڊاڪٽر حنان بلخي چيو ته صحت جي حوالي سان خطي جي ملڪن کي رابطا بهتر ڪرڻ ۽ ان حوالي سان ڊائيلاگ شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملاقات م پو??يو جي خاتمي جي حوالي سان حڪومتي ڪوششن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي تازو ئي ٿيندڙ پو??يو جي خاتمي واري مهم دوران قومي صحت واري وز??رت ۽ پو??يو جي خاتمي واري پروگرام سان لاڳاپيل آفيسرن پو??يو کان متاثر ڏورانهن علائقن جو دورو ڪيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي تازو پو??يو جي خاتمي واري مهم جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائي وئي آهي، جن ٻارن ۾ پو??يو جي سُڃاڻپ ٿي آهي انهن جي سارسنڀال ڪئي پئي وڃي. ملڪ جي جن علائقن ۾ ٻارن ۾ پو??يو ويڪسينيشن جي شرح بهتر آهي اتي پو??يو جو ڦهلاءُ گهٽ آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم جي قومي صحت واري ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ، وزيراعظم جي پو??يو جي خاتمي واري فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.