شيخوپوره-15 نومبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جو چوڻ آهي ته سمورا مذهب احترام لائق آهن، پاڪستان حڪومت مذهبي اقليتن جي حقن جي حفاظت ڪندڙ آهي، ايويڪيو ٽرسٽ جي مذهبي اقليتن لاءِ خدمتون تعريف جوڳيون آهن. ياترين جي مهمان نوازي اسان جو فرض آهي جنهن کي ??سان انجام ڏيندا رهنداسين. بابا گرونانڪ ديوجي جي انسانيت لاءِ تعليم فخر جوڳي آهي. ه?? چيو ته اقيلتن جي مذهبي عبادتگاهن جي تعمير ۽ رنگ روغن جاري آهي. گورو دواره ڀائي ڪرم سنگهه، گورو دواره ڀائي جوگا سنگهه سميت ٻين گردوارن جي بحالي جا قدم کنيا پيا وڃن، پاڪستان اقليتن لاءِ محفوظ ملڪ آ??ي اسان امن ۽ ڀائيچاري جا خواهشمند آهيون. اها ڳالهه هن سک مذهب جي باني بابا گرونانڪ جي 555هين جنم ڏڻ جي مرڪزي تقريب کي ??طاب ڪندي چئي. ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين سيد عطاءُ الرحمان تقريب کي ??طاب ڪندي چيو ته سک قوم کي ??نم ڏڻ جون مبارڪون هجن.ه?? چيو ته اسان ڀار?? مان آيل ياترين کي ??ل جي گهرائين سان پاڪستان پهچڻ تي ڀليڪار ڪريون ٿا ۽ وفاقي حڪومت جي خاص هدايتن جي روشنيءَ ۾ اقليتن جي فلاح ۽ بهبود ۽ سڄي دنيا مان آيل سک ياترين جي مهمان نوازي ۽ سارسنڀال لاءِ خاص انتظام ڪيا آهن. ننڪانه صاحب ۾ 100 ڪمرن جي تعمير ۽ ٻيا ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن، ياترين کي ميڊيڪل ۽ رهائش جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. ه?? چيو ته ڪرتارپور ۾ 5 هزار ياترين جو انتظام آهي جڏهن ته ايندڙ ياترين جو انگن تمام گهٽ آهي. مان ڀارت سميت سڄي دنيا مان ايندڙ سک ياترين کي ??پيل ٿو ڪريان ته ڪرتارپور ۾ وڌ کان وڌ اچن ۽ گردوارن کي ??باد ڪن. ياتري پاڪستان مان پيار محبت جو پيغام کڻي ويندا.