اسلام آباد- 05 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ، موسمياتي تبديلين جي اثرن ۽ ڊگهي مُدي جي بنياد تي آفتن جي تياريءَ ۾ مالي ۽ فني معاونت جي حوالي سان ايشيائي انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جي ڪردار کي ساراهيندي پاڪستان ۾ جاري منصوبن لاءِ فنڊز جي فراهمي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن هتي ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جي وفد سان مل??قا?? دوران ڪيو. وفد جي قيادت بئنڪ جو ڪلائمينٽ ريجن ۽ پراجيڪٽ فنانس گلوبل جو نائب صدر ڪانسٽنٽن لميتو وسڪي ڪري رهيو هو. بئنڪ جي ٽيم ناڻي واري وزير کي پاڪستان ۾ بئنڪ جي پورٽ فوليو ۾ شامل مختلف سيڙپڪاريءَ جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻُڌايو ته بئنڪ طرفان پاڪستان ۾ پاڻيءَ مان ??جل??ءَ جي پيداوار، روڊن ۽ شاهراهن، ٽرانسپورٽ جي شعبي، شهري بنيادي ڍانچي جي ترقي، موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ، وبائي مرضن، تڪراري ۽ موسمياتي تبديليءَ سان ٿيندڙ ٻو?? جي آفتن کي مُنهن ڏيڻ جي منصوبن تي ڪم جاري آهي. مل??قا?? ۾ جاري منصوبن تي اڳڀرائي ۽ مالي معاونت کي ??جل?? جي پيداوار کان وٺي ورهاست جي نظام تائين منتقل ڪرڻ جي ضرورت تي ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس ۾ ٻُڌايو ويو ته اضافي ??جل?? پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، جنهن کي ورهاست جي نظام ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي. بئنڪ جي وفد پاڪستان کي اهم شراڪتدار ملڪ ??را?? ڏيندي پاڪستان جي ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلين بابت چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ بئنڪ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بئنڪ طرفان ان سلسلي ۾ پاليسي ۽ بجيٽ جي سطح تي معاونت فراهم ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي وئي. وفد سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير بئنڪ طرفان پاڪستان ۾ قدرتي آفتن کي مُنهن ڏين، موسمياتي تبديلين جي اثرن ۽ ڊگهي مُدي جي بنياد تي آفتن جي تياريءَ ۾ مالي ۽ فني معاونت کي ساراهيو. هن پاڪستان ۾ بئنڪ جي منصوبن ۾ ٿيل اڳڀرائيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ جاري منصوبن لاءِ فنڊز جي تيز رفتار فراهميءَ تي زور ڀريو. هن گذريل مهيني واشنگٽن ۾ بئنڪ جي صدر جن ليڪون سان ٿيل مل??قا?? جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته ان مل??قا?? ۾ پاڪستان جي مالي معاونت کي وڌائڻ لاءِ پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ جي ڳالهه ٿي جنهن ۾ بئنڪ طرفان جزوي ضمانت ذريعي عملدرآمد جي تجويز پيش ڪئي وئي ته جيئن مارڪيٽ کي هڪ مضبوط پيغام ڏئي سگهجي. مل??قا?? ۾ ترقياتي شراڪتداريءَ کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ قد??ن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.