اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان ۾ ايف سي جي قافلي تي خارجي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي حملي ۾ شه??د ٿي??دڙ ايف سي اهلڪار کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ امن امان قائم رکڻ جي لاءِ ايف سي ۽ پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جون عظيم قربانيون آهن، پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ملڪ مان فتنه الخوارج جي لعنت جي خاتمي لاءِ مصروف عمل سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مون سميت پوري قوم خراج تح??ين پيش ڪري ٿي. هن چيو ته پوري پاڪستاني قوم دهشتگردي جي ان جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستاني قوم پنهنجي شه??دن جي قربانين کي ڪڏهن ب?? وساري نٿي سگهي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿي??دڙ اهلڪارن کي ب??ترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شه??د جي درجن جي ب??ندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا پڻ ڪئي.