اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آئين جي آر??يڪل 63 اي بابت ڪيس جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. ڪالهه سپريم ڪورٽ جي چيف جس??س قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني لارجر بينچ آئين جي آر??يڪل 63 اي جي تشريح بابت نظرثاني اپيلن تي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران پي ٽي آءِ طرفان بئريسٽر علي ظفر دليل ڏنا، جڏهن ته بعد ۾ هن بينچ جي جوڙجڪ تي اعتراض واريندي ٻُڌڻيءَ جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پ پ طرفان فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏنا. چيف جسٽس نظرثاني اپيل جو فيصلو ٻُڌائيندي چي?? ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نظرثاني اپيل گڏيل طور تي منظور ڪئي وڃي ٿي، ڪيس جو تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو. چيف جس??س قاضي فائز عيسيٰ چي?? ته آر??يڪل 63 اي جي تشريح جي ڪيس تي جسٽس مظهر علي عالم جو اختلافي نوٽ 30 جولاءِ تي آيو، جڏهن ته بينچ جي اڪثريت تفصيلي فيصلو 14 آڪٽوبر تي جاري ڪيو، جسٽس مظهر عالم کي پنهنجي ذميدارين جو احساس هو. جسٽس جمال خان مندو خيل ريمارڪس ڏنا ته اڪثريتي فيصلي ۾ چيو وي?? ته ووٽ وِجهڻ ۽ شمار ٿيڻ ۾ فرق آ??ي، ڇا آئين ۾ ووٽ وِجهڻ ۽ شمار ٿيڻ جو فرق لکيل آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻُڌاي?? ته آر??يڪل 63 اي تي فيصلو تڪرارن سان ڀرپور آ??ي، هڪ طرف چيو ويو ووٽ بنيادي حق آ??ي، گڏوگڏ ئي بنيادي حق پارٽي جي هدايت ت?? ختم به ڪري ڇڏيو. پ پ جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ ه?? ته حسبه بل ڪيس موجب ريفرنس تي راءِ جنهن گُهري ان تي راءِ جي پابندي لازم آهي. چيف جسٽس پُڇاڻو ڪي?? ته جيڪڏهن صدرِ مملڪت راءِ تي عمل نه ڪري ته ڇا ان خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي؟ جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چي?? ته عدالت صدرِ مملڪت خلاف ڪارروائي نٿي ڪري سگهي. فاروق ايڇ نائيڪ انڪاري ميمبر بابت پي ٽي آءِ جي عائشه گلالئي ڪيس جو حوالو ڏنو. وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چي?? ته 63 اي ڪيس ۾ اقليتي ججن جو فيصلو پهرين جاري ٿيو. سپريم ڪورٽ آر??يڪل 63 اي نظرثاني ڪيس جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي گڏيل طور تي نظرثاني درخواستون منظور ڪري ورتيون.