اسلام آباد _ 10 آڪٽوبر (اي پي پي )واپار واري و??اق?? وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته پاڪستاني ڪمپنين جي صلاحيت وڌائي روانگي واپار ۾ اض??فو ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ واپار جي ڳاڻيٽي ۾ اض??فو ٿي رهيو آهي. پاڪستان سعودي ويزن 2030ع کي مڪمل ڪرڻ ??اء?? افرادي سگهه ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. انهن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن هتي مقامي هوٽل ۾ پاڪ – سعودي بزنس فورم 2024ع جي افتتاحي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو . واپار واري و??اق?? وزير سعودي عرب کان آيل ڪاروباري ماڻهن، ڪمپنين ۽ ٻين سعودي اختيارين جو شڪريه ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل ثقافت ۽ قدر رکن ٿا ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط واپاري شراڪت داري قائم آهي . ڄام ڪمال چيو ته پاڪستان چانورن، گوشت ، چمڙي ، دالين ، ميون ۽ ٻي مصنوعات وڏي مقدار ۾ سعودي عرب ڏانهن ايڪسپورٽ ڪندو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت واپار واري وزارت ٻه طرفي واپار کي وڌائڻ ??اء?? جامع قدم کڻي رهي آهي. واپار واري وزير چيو ته پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سعودي عرب کي خدمتون فراهم ڪرڻ ??اه?? ٿو. ان کان علاوه فارماسيوٽيڪل ۽ ٽيڪسٽائل جي شعبي مان پڻ سعودي عرب ڏانهن ايڪسپورٽ ۾ اض??فو ڪيو ويندو. ڄام ڪمال چيو ته پاڪستان ف??بر??ري 2025ع ۾ سعودي عرب ۾ سنگل ڪنٽري ايگزيبيشن منعقد ڪرڻ وارو آهي جنهن ۾ سعودي سيڙپڪارن ۽ عوام کي انفارميشن ٽيڪنالاجي، فوڊ، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جو موقعو ملندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب واپار ۾ اض??في ??اء?? گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.