اسلام آباد-14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چي?? آهي ته اسان انساني معاشري جي بنيادي ۽ اهم قدر طور جمهوريت جي مضبوطي ۽ هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب جمهوريت جي عالمي ڏينهن تي جاري پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چي?? ته اڄ جڏهن سڄي دنيا ۾ جمهوريت جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، ان موقعي تي اسان انساني معاشري جي بنيادي ۽ اهم قدر طور جمهوريت جي مضبوطي ۽ هٿي وٺرائڻ جو عزم ورجايون ٿا. هن چي?? ته اسان جي حڪومت جو آئيني قدرن جي پاسداري، جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي تحفظ جو عزم پختو آهي، ان جمهوري قدرن تي عملدرآمد اسان جي قومي طرز عمل جي عڪاسي ڪري ٿو. اچو اڄوڪي ڏينهن اسان اهڙي عالمي معاشري جي قيام جي ڪوشش جاري رکڻ جو عزم ڪريون جيڪو منصفاڻو، برابر ۽ جامع هجي، گڏيل تعاون سا?? ئي اسان جمهوريت جي بنيادن کي مضبوط ڪري اهو يقيني بڻائي سگهون ٿا ته هي اميد جي ڏيئي سا?? گڏوگڏ ايندڙ نسلن جي ترقي جو پيش خيمه ثابت ٿئي.