اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو اجلاس اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار احمد دراني جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ اسلام آباد ۾ لو??ل گورنمينٽ چونڊون ڪرائڻ جي معاملي جو جائزو ورتو ويو. خميس ڏينهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي پريس رليز موجب اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي معزز ميمبرن شاهه محمد جتوئي، بابر حسن ڀروانه ۽ جسٽس (ر) اڪرام الله خان، اليڪشن ڪميشن جي س??ڪر??ٽري، اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل س??ڪر??ٽري ۽ اليڪشن ڪميشن جي لا س??ڪر??ٽري، گهرو وزارت جو اسپيشل س??ڪر??ٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي نمائندي شرڪت ڪئي. اليڪشن ڪميشن جي س??ڪر??ٽري ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن اسلام آباد لو??ل گورنمينٽ چونڊون جو پروگرام 8 آگسٽ تي جاري ڪيو جنهن ۾ موجب پولنگ 9 آڪٽوبر تي ٿيڻي هئي، ان پروگرام موجب نامزدگي ڪاغذ جمع ٿي چڪا هئا ۽ ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جو عمل جاري هو ته گورنمينٽ اسلام آباد لو??ل گورنمينٽ ايڪٽ 2015ع ۾ ترميم ڪري ڇڏي. انهن ترميمن کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪميشن لو??ل گورنمينٽ چونڊن جي عمل کي ملتوي ڪري ڇڏيو ته جيئن لو??ل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميمن، ان جي اثرن ۽ اسلام آباد لو??ل گورنمينٽ چونڊون ڪرائڻ بابت گهرو وزارت، لا ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد کان موقف ورتو وڃي ۽ ڄاڻايل چونڊون ڪرائڻ بابت مناسب فيصلو ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن گورنمينٽ جي مٿي ڄاڻايل نمائندن کي موجوده ترميمن کي نظر ۾ رکندي ??ناسب ر??لز ۽ ٻي قانونسازي بابت هدايت ڪئي.