لنڊن-08 سيپٽمبر (اي پي پي) ??ائ?? وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لنڊن ۾ پاڪستان هائوس ۾ هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل طرفان ڏنل رات جي ماني جي دعوت ۾ پاڪستان ڄاون برطانوي پا??ليامينٽينرينز سان تفصيلي ۽ جامع ڳالهه ٻولهه ڪئي. دعوت ۾ هائوس آف ڪامنز جي ڊپٽي اسپيڪر نصرت غني، ياسمين قريشي (ايم پي)، لارڊ قربان حسين، نوشين مبارڪ، لارڊ ضمير چوڌري، سعيده وارثي، شائسته گوهر، محمد افضل خان (ايم پي)، نسيم شاهه (ايم پي)، عمران حسين (ايم پي)، طاهر علي (ايم پي)، زبير احمد (ايم پي)، عدنان حسين (ايم پي)، محمد ياسين (ايم پي) ۽ ايوب خان (ايم پي) شرڪت ڪئي. پنهنجي شروعاتي خطاب ۾ ??ائ?? وزيراعظم نَون چونڊيل برطانوي پاڪستاني پا??ليامينٽ ميمبرن کي مبارڪ ڏني ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جا لاڳاپا تاريخ، ثقافت، امن، سلامتي ۽ ترقيءَ لاءِ گڏيل اُمنگن جي مضبوط رابطن تي قائم آهن. تازين چونڊن ۾ پاڪستان سان تعلق رکندڙ 15 ميمبر برطانوي پا??ليامينٽ جي لاءِ چونڊيا ويا جيڪا برطانوي جمهوريت جي مضبوطي ۽ پاڪستان ڄاون برطانوي شهرين جي ڪاميابيءَ جو ثبوت آهي. هن پا??ليامينٽ جي ميمبرن کي پاڪستان جي معاشي بحاليءَ لاءِ پنهنجي حڪ??مت جي روڊ ميپ بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته 2013ع کان 2017ع تائين اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي حڪ??مت دوران پاڪستان دنيا جي 24هين وڏي معيشت بڻجي ويو هو ۽ ان جو جي-20 ميمبر بڻجڻ جو امڪان هو، دهشتگرديءَ جهڙي لعنت تي پڻ ضابطو آندو ويو هو، پر 2018ع ۾ شروع ٿيل سياسي عدم استحڪام پاڪستان جي اقتصادي رفتار کي پٽڙيءَ تان لاهي ڇڏيو هو. جڏهن ته گذريل حڪ??مت جي تحريڪ طالبان جهڙن انتهاپسند گروهن کي خوش ڪرڻ ۽ ان جي بحاليءَ جي پاليسي ۽ 100 کان وڌيڪ خطرناڪ دهشتگرد ڏوهارين جي آزادي، دهشتگرديءَ جي بحاليءَ جو سبب بڻي. هن چيو ته حڪ??مت ڪنهن به اندروني يا پرڏيهي عنصرن کي جيڪي سياسي عدم استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي اِرادي سان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي سفر کي راهه تان لاهڻ چاهن ٿا، انهن کي هرگز اها اجازت نه ڏيندي. هن چيو ته جن ماڻهن رياستي ادارن تي حملو ڪيو ۽ قومي مفادن کي نقصان پهچائڻ لاءِ عالمي فورمز کي استعمال ڪيو آهي انهن سان ڳالهين جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. هن چيو ته حڪ??مت ان سلسلي ۾ ڪنهن به دٻاءَ ۾ نه ايندي. ??ائ?? وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪ??مت پاڪستان کي اقتصادي ترقيءَ جي راهه تي واپس آڻڻ لاءِ پُرعزم آهي. هاڻوڪي حڪ??مت جي مشڪل ۽ سياسي طور تي غير مقبول قدمن جا ثمر اچڻ شروع ٿيا آهن، مهانگائيء?? کي سنگل ڊجٽس تائين گهٽ ڪيو ويو هو ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي مستحڪم ڪرنسي سان ڪنٽرول ڪيو ويو آهي. معاشي سڌارن لاءِ هر پا??ي کان ادارن جي سطح تي حمايت موجود آهي ۽ حڪومت طرفان گذريل سال قائم ڪيل خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پاڪستان جي توانائي، کاڻيون کوٽڻ، آءِ ٽي ۽ زراعت جي شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن جي نمايان دلچسپي ڇڪرائي رهي آهي. ڊپٽي وزيراعظم پا??ليامينٽ ميمبرن کان تجويزون طلب ڪيون ته حڪ??مت ڪهڙيءَ طرح پاڪستان ۾ سڌيءَ ريت برطانوي پرڏيهي سيڙپڪاريء?? کي راغب ڪري سگهي ٿي ۽ ٻه طرفي واپار ۾ اضافو ڪري سگهي ٿي. ??ائ?? وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪ??مت پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي پاڪستان اچڻ جي ترغيب ڏيڻ لاءِ هڪ نئين ويزا فري پاليسي متعارف ڪرائي آهي. ??ائ?? وزيراعظم هندستان جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۽ غزه جي ماڻهن تي ٿيندڙ ظلمن جو معاملو اُٿارڻ تي برطانوي پا??ليامينٽرينز جو ٿورو مڃيو.