اسلام آباد-06 سيپ??مب?? (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ يوم دفاع ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو وي??، 6 سيپ??مب?? 1965 اهو عظيم ڏينهن آهي جڏهن پاڪ فوج نه رڳو ڀارت کي شڪست ??ني پر پاڪ ڌرتي تي قبضي جو ڀارتي خواب پڻ ٽوڙي ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق يوم دفاع جي مناسبت سان اڄ جمعي ڏينهن جي شروعات توپن جي سلامي ۽ مسجدن ۾ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ استحڪام جي دعائن سان ٿي. ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار تي مقرر ٿيل گارڊن جي تبديلي جي ش??ند??ر تقريب منعقد ٿي. لاهور ۾ شاعر علامه محمد اقبال جي مزار تي پڻ گارڊز جي تبديلي جي تقريب ٿي. اڄ جي ڏينهن 1965ع ۾ پاڪ فوج جي بهادر جوانن مڪار دشمن جي سمورين چالن کي ناڪام بڻايو هو، بزدل دشمنن کي پاڪ سرزمين ڏانهن ميري اک سان ڏسڻ تي سبق سيکاريو. شجاعت، ايثار ۽ بهادري جي لازوال داستان لکندڙن کي قوم اڄ به سلام پيش ڪري ٿي.