اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين ??يد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ا??ان جي خطي جي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي انٽرنيٽ تائين جي رسائي کان محروم آهي، ڊجيٽل ورڇ جي اڻبرابري سبب حقيقي ترقي جي حاصلات ۾ رڪاوٽون پيدا ٿي رهيون آهن، پاڪستان ڊجيٽل ورڇ جي اڻبرابري کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ايشيا پيسفڪ ايڊوانسڊ نيٽ ورڪ جي 58هين اجلاس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته وفدن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ا??ان جي ترقي، خوشحالي، ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ جدت ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ اها تقريب ايشيا – پيسفڪ خطي ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي کي هٿي ڏيڻ، تحقيق ۾ سهولت ۽ علم جي مٽاسٽا ۾ پاڪستان جي مسلسل چاهه جو ثبوت آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ڊجيٽل انقلاب ۾ پاڪستان جو وڌندڙ رجحان تعريف لائق آهي ۽ چئلينجز ۽ مسئلن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ايشيا – پيسفڪ ايڊوانسڊ نيٽ ورڪ، هائر ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ پاڪستان ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ نيٽ ورڪ جي خطي ۾ فني تعاون کي وڌائڻ ۾ ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن ۽ تحقيق، تعليم ۽ ٽيڪنالاجي ۾ گڏيل هدفن جي حاصلات لاءِ سڀني جو اتحاد وقت جي اهم ضرورت آهي. ان نيٽ ورڪ ??ان موسمياتي تبديلي، صحت، غربت، غذائي تحفظ ۽ ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي سگهجي ٿي. هن چيو ته ا??ان جي خطي جي 50 سيڪڙو آبادي اڃا به انٽرنيٽ جي رسائي کان محروم آهي ۽ اهوئي سبب آهي ته ڊجيٽل ورهاست جي اڻبرابري سبب حقيقي ترقي جي حاصلات ۾ رڪاوٽون پيدا ٿين ٿيون. پاڪستان ان اڻبرابري کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. سيينٽ چيئرمين ??يد يوسف رضا گيلاني اي پي اي اين جي سهڪار ??ان فني ترقي پوري ملڪ خاص طور تي پٺتي پيل ع??ام تائين يقيني بڻائي ويندي ۽ جامع ۽ برابري ترقي جي حڪمت عملي کي اختيار ڪرڻ ??ان ئي ا??ان پوري خطي ۾ بامعنيٰ ترقي ڪري سگهون ٿا. سائبر سيڪيورٽي جي حوالي ??ان پاڪستان پنهنجي ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جي حفاظت ۽ اهميت کان چڱيءَ ريت واقف آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي سائبر سيڪيورٽي حملن ۾ واڌ نظر اچي رهي آهي ۽ 2023ع ۾ سائبر حملن ۾ 38 سيڪڙو واڌ ٿي. پاڪستان سائبر سيڪيورٽي کي مضبوط ۽ وڌيڪ فعال بنائڻ ۾ قدم کڻي رهيو آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ڊجيٽل اسپيس ۾ به علائقائي شراڪتدارن ??ان سهڪار ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي ته ا??ان جي فني ترقي ماحولياتي ذميداري ??ان هم آهنگ آهي. ا??ان گرين ٽيڪنالاجي جي تحقيق ۽ ان تي عملدرآمد ڪرڻ ۾ سڀ کان اڳيان آهيون ۽ پاڪستان جي پارليامينٽ خاص طور تي سينيٽ، قومي ۽ فني ترقيءَ کي اڳيان وڌائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن وڌيڪ چيو ته ا??ان جو ڌيان اهڙين پاليسين جي جوڙجڪ تي آهي جيڪا جدت کي هٿي ۽ ڊجيٽل انفراسٽراڪچر جي تعمير ڪري. ??يد يوسف رضا گيلاني چيو ته سينيٽ قانونسازي ذريعي ڊجيٽل تبديلي کي آ??ان بڻايو آهي ۽ ان قانونسازي ??ان آءِ سي ٽي سيڪٽر جي ترقي، سائبر سيڪيورٽي ۽ جدت جي حوصله افزائي ۾ بهتري آئي آهي. چيئرمين چيو ته پاڪستان پاڻ سينيٽ سيڪريٽريٽ جي اندر ڊجيٽل تبديلي کي اپنائڻ لاءِ ڪوشان آهي ۽ پيپر فري چيمبر بنائڻ ۽ سموري عمل کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. انهن قدمن ??ان سينيٽ جو ڪم وڌيڪ شفاف، اثرائتو ۽ رسائي جي قابل ٿي ويندو ۽ سينيٽ جون سموريون سرگرميون مڪمل طور تي ڊجيٽلائيزڊ ٿي وينديون. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي 64 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻَڌل آهي ۽ نوجوان ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ جدت ۾ معاشي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ بي پناهه وسيلن جي نمائندي ڪن ٿا. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان اڳ ئي 20 لک کان وڌيڪ فري لانسرز ??ان عالمي فري لانس اڪانومي ۾ اهم شراڪتدار آهي. پاڪستان فري لانسرز ۽ ڪاروباري ??اڻ??ن جي عالمي سطح تي رسائي کي وڌائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اسٽارٽ اپ ايڪو سسٽم وڌي رهيو آهي. مضبوط عالمي رابطن کي هٿي ڏئي ا??ان پنهنجي اسٽارٽ اپس لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪري سگهون ٿا ۽ عالمي مارڪيٽن تائين رسائيءَ ??ان روزگار جا وسيع موقعا ۽ اقتصادي ترقي کي اڳيان وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته صحت، تعليم، دفاع، دفاعي پيداوار ۽ ٻين شعبن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ اچو ته ا??ان هڪ اهڙي مستقبل طرف ڪم ڪريون جتي ٽيڪنالاجي ا??ان جي قومي ترقيءَ ۾ ڪرنگهي جي هڏي طور تي ڪم ڪري جيڪا ا??ان کي وڌيڪ خوشحال، جامع ۽ پائيدار خطي طرف وٺي وڃي.