اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اسلام آباد ۾ 100 بسترن تي ٻڌل جديد اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي، جنهن کي نيشنل پوليس فائونڊيشن ۽ ترڪيه جي نجي ڪمپني جي سهڪار سان تعمير ڪئي ويندي، هن اسپتال جي تڪميل سان پوليس جي جوانن، انه?? جي ڪٽنبن ۽ عام شهرين کي صحت جون جديد سهولتون ملنديون. پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چي?? ته انٽرنيشنل اسپتال جو هي منصوبو نيشنل پوليس فائونڊيشن لاءِ گيم چي??جر ثابت ٿيندو. هن نيشنل پوليس فائونڊيش?? جي نون منصوب?? جي واکاڻ ڪندي چي?? ته صابر احمد جي آمد نيشنل پوليس فائونڊيشن کي ٻيهر متحرڪ بڻائي ڇڏيو آهي، ا?? جي سموري آمدني شهيدن ۽ پوليس جي ويلفيئر تي لڳائي پئي وڃي. گهرو وزير چي?? ته شهيد ۽ پوليس جوان?? جي فلاح ۽ بهبود لاءِ محنت ۽ لگن سان ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ هي اسپتال ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، نيشنل پوليس فائونڊيشن ۽ سي ڊي اي جي گڏيل سهڪار سان نئين منصوبي تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ هي منصوبو صرف اسلام آباد تائين محدود نه هوندو پر صوبن ۾ به شهيدن ۽ پوليس جي جوان?? جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪيو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته نيشنل پوليس فائونڊيشن ويجهڙ ۾ حيدرآباد ۾ شهيدن ۽ جوانن لاءِ هڪ منصوبو مڪمل ڪيو آهي. ان اسپتال جي تعمير لاءِ نيشنل پوليس فائونڊيشن زمين فراهم ڪئي آهي جڏهن ته اسپتال جي تعمير مڪمل طور ترڪيه جي هڪ ڪمپني ڪري رهي آهي جنه?? جي لاڳت 5 ارب روپيا آهي. گهرو وزير ان موقعي تي ان ڳ??لهه جو به اعلان ڪيو ته نيشنل پوليس اڪيڊمي جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي پئي وڃي ته جيئن پوليس جي جوانن کي وڌيڪ بهتر تربيت فراهم ڪري سگهجي.