اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب ام??رات جي هم منصب شيخ محمد بن را??د المڪتوم جا آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيڻ تي ٿورا مڃيا آهن. هن چيو ته امن، ترقي ۽ خوشحالي جي سفر ۾ سدائين پاڪستان سان گڏ بيهڻ تي آئون گڏيل عرب ام??رات جي قيادت ?? عزت مآب جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. مون کي يقين آهي ته گڏجي ڪم ڪري اسان پنهنجي ماڻهن جي روشن مستقبل جي تعمير ڪري سگهون ٿا. گڏيل عرب ام??رات (يو اي اي) جي وزيراعظم شيخ محمد بن را??د المڪتوم جي مبارڪباد واري پيغام جي جواب ۾ وزيراعظم پنهنجي آفيشل ايڪس اڪائونٽ تي لکيو ته ??اڪستان ۽ گڏيل عرب ام??رات جو ڀائيچارو زندهه آباد. گڏيل عرب ام??رات جي وزيراعظم آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي قيادت ?? عوام کي مبارڪباد ڏيندي ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ، ترقي جا نوان موقعا ڳولڻ ۽ خوشحالي ۽ ڪاميابي جي مستقبل جي تعمير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي ملڪ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو.