اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان خطي ۾ اسرائيل جي مسلسل مهم جوئي ۽ لبنان جي خلاف ٿيندڙ تازي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آه?? ته بيروت ۾ اسرائيل جي فوجي جارحيت لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي سنگين خلاف ورزي آه??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته شهري علائقن تي اهو حملو عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي کليل خلاف ورزي آه??. هن چيو ته پاڪستان لبنان جي عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آه?? ۽ ان جي امن ۽ سلامتي سان رهڻ ۽ ان جي خودمختياري جي حق جي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. ترجمان چيو ته خودمختياري رياستن جي اندر ماڻهن کي نشانو بڻائڻ عالمي قانون ۽ عالمي اصولن جي خلاف ورزي آه??، اهو انڌاڌنڌ ۽ وڌندڙ اسرائيلي جارحيت جو هڪ ٻيو مظاهرو آه?? جيڪو علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ مسلسل جاري آه??. هن چيو ته خطي ۾ اسرائيل جون تازه ترين ڪارروايون خطرناڪ آه?? جيڪي وچ اوڀر ۾منصفاڻي ۽ پائيدار امن حاصل ڪرڻ جي ڪوششن کي نقصان پهچائي رهيون آه??، اسرائيل کي ان جي ڪاررواين جو جوابده ٿيڻ گهرجي، اسرائيل جي غيرملڪي ڪاررواين علائقائي سلامتي کي خطري ۾ وجهي ??ڏي?? آه??. ترجمان چيو ته اسرائيل جي حامين کي گهرجي ته اهي خطي جي ملڪن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي خلاف ورزي جي خاتمي جي لاءِ اسرائيل تي پنهنجو اثررسوخ استعمال ڪن. هن چيو ته تهران ۾ حماس جي سي??سي بيورو جي سربراهه اسماعيل هانيه جو قتل اڳ ۾ ئي غيرمستحڪم خطي ۾ خطرناڪ ڇڪتاڻ جو هڪ عمل آه?? جنهن سان امن جي ڪوششن کي نقصان پهتو آه??. ترجمان چيو ته اسان ان جي گهرڀاتين ۽ فلسطيني عوام سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا، ان جي قاتلن جو گهيراءُ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسرائيل آڪٽوبر 2023ع کان فلسطيني عوام جي خلاف دهشتگردي جي مهم شروع ڪري رکي آه??، اسان گڏيل قومن کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها عالمي قانون جي پاسداري ڪري ۽ غزه جي ماڻهن جي نسل ڪشيءَ جو خاتمو ڪري. ترجمان چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ، ان جي فلسطين ۾ واپسي جي حق ۽ القدس الشريف کي ان جي گادي وارو شهر هجڻ سان گڏ فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ جي حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪري ٿو.