پشاو??- 30 جولاءِ (اي پي پي) ڪوهاٽ جي علائقي دره آدم خيل پراڻي بازي خيل ۾ امجد نالي شخ?? جي گهر جي تهه خاني ۾ ب??سا?? جو پاڻي ڀرجڻ سبب 6 ٻارن، 3 عورتن سميت 11 ڄڻا فوت ٿي ويا. ريسڪيو 1122 ڪوهاٽ مطابق تهه خاني ۾ پاڻي ڀرجڻ سبب سمورا گهرڀاتي گهر اندر ڦاسي پي??. و??قعي جو اطلاع ملڻ تي ريسڪيو 1122 جي ميڊيڪل ۽ ڊيزاسٽر ٽيم موقعي تي پهچي سمورن ماڻهن جا لاش تهه خاني ۾ گڏ ٿيل پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا آهن.