اسلام آبا-08 جولاءِ (اي پي پي) مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته سڀ کان پهرين ترجيح سکر کان ڪراچي تائين محفوظ ۽ معياري موٽر وي جي تعمير کي يقيني بڻائڻ آهي، نيشنل هاءِ وي اٿار??ي جي شاهراهن تي ڪم جي رفتار جو جائزو وٺڻ لاءِ س??ڌ ۽ بلوچستان جو دورو ڪندس. مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان نيشنل هاءِ وي اٿار??ي جي هيڊڪوارٽرز ۾ رٿيل اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته واپاري نقطه نظر سان اسان جي سمورين شاهراهن ۽ روڊ نيٽ ورڪ جو اصل هدف سينٽرل ايشيا جا ملڪ هجڻ گهرجن جنهن جو ملڪ ۽ قوم کي وڌ کان وڌ فائدو ٿيندو. هن چيو ته هو کاتي کي نئون ٽاسڪ ۽ محڪماڻي ايڪشن پلان ڏئي رهيو آهي جنهن تحت سرڪاري فنڊز ڪنهن به صورت ۾ ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين. ڪرپشن تي ”زيرو ٽالرنس“ هوندي ۽ عوامي مفادن جي منصوبن کي قابل عمل بڻائيندي گهٽ ۾ گهٽ رقم مان وڌ مان وڌ فائدو حاصل ڪنداسين. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ت?? اين اي?? اي ۾ صلاحيتن جي ڪا کوٽ ناهي، ٿوري ڪوشش سان هي ادارو سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ ٻين منصوبن ۾ پرڏيهي منصوبن جا ٺيڪا حاصل ڪري سگهي ٿو. هن اين اي?? اي جي جاري منصوبن تي ملٽي نيشنل ڪمپنين کان ٿرڊ پارٽي اويليويشن جي هدايت ڪندي چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي پراڻو سسٽم ڇڏي پرائيويٽ سيڪٽر سان مقابلو ڪرڻو پوندو. جڏهن ت?? اين اي?? اي وسيلن کي وڌائي پنهنجي ملازمن ۽ آفيسرن جي پگهارن ۽ ٻين رعايتن ۾ اضافو ڪري سگهي ٿو جنهن سان نون منصوبن تي ڪم جي رفتار تيز ٿيندي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ت?? اين اي?? اي جي ڪنهن به شاهراهه تي مقرر وزن کان وڌيڪ ٽريڪن کي نه اچڻ گهرجي ۽ لاهور سيالڪوٽ سميت سمورن موٽر ويز تي ”ايم ٽيگ“ يقيني بڻائي ڊگهين قطارن کي ختم ڪرڻ گهرجي. عبدالعليم خان چيو ته هو پاڻ به س??ڌ ۽ بلوچستان جو دورو ڪندو ته جيئن نيشنل هاءِ وي اٿار??ي جي شاهراهن کي ڪم جي رفتار جو موقعي تي جائزو وٺي سگهجي. وفاقي وزير نيشنل هاءِ وي اٿار??ي جي گوادر سميت بلوچستان، س??ڌ ۽ خيبرپختونخوا ۾ مختلف منصوبن تي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو. جنهن ۾ خضدار کان ڪچلاڪ، سراب کان قلات، قلات کان مستونگ، مستونگ کان ڪوئيٽا ۽ ڪوئيٽا کان ڪچلاڪ جون شاهراهون شامل آهن. اجلا س ۾ وفاقي وزير عبدالعليم خان کي نون ٽول پلازائن جي تعمير، بين الصوبائي شاهراهن ۽ اين اي?? اي جي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو ۽ ضروري فيصلن جي منظوري ڏني وئي.