اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيني صنعتن کي پاڪستان منتقل ڪرڻ جي لاءِ چيني ۽ پاڪستاني ڪمپنين جي گڏيل منصوبن کي اڳتي وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي. سيڙپڪاري بورڊ (بي او آءِ) جي معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪندي وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ مقامي ۽ پرڏيهي س??ڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته حڪومت واپارين ۽ سيڙپڪارن لاءِ ڪاروبار دوست ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيرا??ظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي تازي چين جي دوري دوران شينزين ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾ ٿيل مفاهمتي يادداشتن (ايم او يوز) جي پوئيواري بابت جامع رپورٽ پيش ڪن. هن پنهنجي چين جي دوري کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جي روشني ۾ خصوصي اقتصادي زو??ز ون اسٽاپ شاپ جي قانوني مسودي جو جائزو وٺڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيرا??ظم شهباز شريف چيو ته چين جي ٽيڪسٽائيل، چمڙي، جُوتن ۽ ٻين صنعتن کي پاڪستان ۾ منتقل ڪرڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي. ان موقعي تي بريفنگ دوران بي او آءِ جي س??ڪريٽري ٻڌايو ته چيني صنعتن کي پاڪستان منتقل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ۽ اسلام آباد ۾ واپاري س??ُولت مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ چيني ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته ”ايزي بزنس ايڪٽ“ جو مسودو قانوني ڪيسن بابت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن اماڻيو پيو وڃي. اجلاس ۾ نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيرا??ظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل سينيئر سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.