اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ تڪبير ڏهاڙي جي 26 هين سالگرهه تي ??وم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته تڪبير ڏهاڙو تاريخ جو سنهري ۽ يادگار ڏينهن آهي، ان ڏينهن پاڪستان اعلان ڪيو ته ان کي ڪير به غلام نه ٿو بڻائي سگهي، 28 مئي جي موقعي تي 9 مئي وارن هڪ نئين سازش ڪئي، هي 1971ع جي تاريخ کي مسخ ڪري ملڪ جي سالميت تي حملو ڪرڻ تي ??هي آيا آهن، انهن جي سازش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي. تڪبير ڏهاڙي جي موقعي تي ??نهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 26 سال اڳ پاڪستان مسلمان دنيا جي پهرين جڏهن ته دنيا جي ستين ائٽمي طاقت بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو، ان ڏينهن پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو ٿي ويو، تڪبير ڏهاڙو تاريخ جو سنهري ۽ يادگار ڏينهن آهي، ان ڏينهن پاڪستان اعلان ڪيو ته ان کي ڪير به غلام نه ٿو بڻائي سگهي. هن ??يو ته مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف دنيا تي ثابت ڪيو ته اسان کي نه خريد ڪري سگهجي ٿو، نه جهُڪائي سگهجي ٿو. وفاقي وزير چيو ته ائٽمي پروگرام کي ٺاهڻ، پروان چاڙهڻ ۽ ان جو عملي اظهار ڪرڻ وارو هر شخص قوم ج?? هيرو آهي جنهن ??ي سلام پيش ڪريون ٿا. هن ??يو ته اڄ جي ڏينهن اسان پنهنجي ان وچن کي ورجايون ٿا ته پاڪستان جي آزادي، خودمختياري ۽ قومي مفادن تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو. اڄ جي ڏينهن اسان ائٽمي پروگرام جي معمار مرحوم ڊاڪٽر عبدالقدير خان، سن??س ٽيم ۽ سمورن سائنسدانن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن ??يو ته 28 مئي جي موقعي تي 9 مئي وارن هڪ نئين سازش ڪئي آهي جيڪا ڪامياب نه ٿيندي، هي 1971ع جي تاريخ کي مسخ ڪري ملڪ جي سالميت تي حملو ڪرڻ تي ??هي آيا آهن. اقتدار کان دوري انهن جا هوش اڏائي ڇڏيا آهن جو ملڪ کي نقصان پهچائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. هن ??يو ته انشاءَ الله فتح پاڪستان ۽ 28 مئي وارن جي ٿيندي.