رياض -28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان رياض ۾ ورلڊ اڪنامڪ فور?? جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي ڪويت جي امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان مطابق وزيراعظم پنهنجي ٻيهر چونڊڻ تي ??مير جي مبارڪن واري خط تي ??ندس شڪريو ادا ڪيو. شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح کي امير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏيندي وزيراعظم ساڻس ملي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ته جيئن ٻه طرفي لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي شراڪتداري ۾ تبديل ڪري سگهجي جيڪو ٻنهي ملڪن جي عوا?? جي بهترين مفادن ۾ هوندو. پاڪستان ۽ ڪويت نومبر 2023ع ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي ??حيحيون ڪيون هيون. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کان علاوه علائقائي صورتحال خاص ڪري غزه جي بحران جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم ڪويت جي امير کي جلد کان جلد پاڪستان جي سرڪاري دوري ڪرڻ جي ??عو?? جو ورجاءُ ڪيو.