اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ چيف آف نيول اسٽاف صدر کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن صدر کي ملڪ جي سامونڊي مفادن جي ت??فظ جي لاءِ پاڪ بحريه جي آپريشنل تيارين بابت آگاهه ڪيو. نيول چيف چيو ته پاڪ بحريه ملڪ جي ساموندي سرحدن جو دفاع ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. صدر ملڪ جي سامونڊي مفادن جي ت??فظ ۾ پاڪ بحريه جي پيشيوا??اڻ?? صلاحيتن کي ساراهيو.