اسلام آباد – 08 فيب??ور?? (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن جو مرڪزي اليڪشن مانيٽرنگ ڪنٽرول سينٽر مڪمل طور تي فعال آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ قائم ريجنل ۽ ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ سينٽرز سان هر وقت رابطي ۾ آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا مرڪزي اليڪشن مانيٽرنگ ڪنٽرول سينٽر ۾ موجود آهي ۽ اليڪشن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. پولنگ جو عمل پرامن طور جاري آهي. مرڪزي ڪنٽرول سينٽر اسلام آباد ذريعي سڄي ملڪ ۾ چونڊن جي مانيٽرنگ جاري آهي ۽ هن وقت تائين ڪٿان ب?? ڪا شڪايت نا??ي ملي. ڪنهن ب?? شڪايت جي صورت ۾ 111327000-051 تي فوري رابطو ڪري سگهجي ٿو.