اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان فيڊرل يونين آف ??رنلسٽس (ورڪرز) جي صدر سينيئر صحافي پرويز شوڪت جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پرويز شوڪت جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، پرويز شوڪت صحافين جو مض??وط آواز هو، صحافت جي شعبي ۽ صحافين جي ڀلائي جي لاءِ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ک?? جنت ۾ اعليٰ مقام ڏ?? ۽ ??ونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.