اسلا?? آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران ٻنهي ملڪن جي سفيرن جي 26 جنوري 2024ع تائين پنهنجي پنهنجي ذميوارين تي واپسي تي اتفاق ڪ??و آهي، ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان 29 جنوري 2024ع تي پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري اسلامي جمهوريه پاڪستان ۽ اسلامي جمهوريه ا??ران جي گڏيل پريس بيان ۾ چيو و??و آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه کانپوءِ گڏيل طور تي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو و??و آهي ته ٻنهي ملڪن جا سفير 26 جنوري 2024ع تائين پنهنجي پنهنجي عهدن تي واپس ٿي سگهن ٿا. بيان موجب نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي دع??ت تي ايران جو پرڏيهي وزير حسين عامر عبداللهيان 29 جنوري 2024ع تي پاڪستان جو دورو ڪندو.