اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پ??رلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته موجوده حڪومت جي قدمن تحت يوريا ڀاڻ جي دستيابي ۽ قيمت جي حوالي سان صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، في ٻوري قيمت گهٽ ٿي 4451 رپيا ٿي وئي آهي، اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ يوريا ڀاڻ جي قيمتن ۾ وڌيڪ نمايان گهٽتائي ايندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ذيشان خانزاده جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پ??رلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته زراعت اسان جي جي ڊي پي جو اٽڪل چوٿون حصو آهي، زراعت اهو شعبو آهي جنهن ۾ اسان جي 40 سيڪڙو ليبر فورس ڪم ڪري ٿي، 2 لک 20 هزار ٽن يوريا ??ازو ئي درآمد ڪئي وئي. هن چيو ته ربيع سيزن جي حوالي سان يوريا ڀاڻ جي دستيابي جو ڪاٿو 35 لک ٽن هو، شروعاتي بيلنس 77 هزار ٽن هو، 32 لک 80 هزار ٽن مقامي پيداوار هئي، يوريا ڀاڻ جا ٻه ڪارخانا جنوري کان مارچ تائين بند رهيا ??نهن جي ڪري مقامي پيداوار ۾ 2 لک 25 هزار ٽن گهٽتائي ٿي، فوجي فرٽيلائيزر بن قاسم جي پيداوار ۾ گئس جي کوٽ جي ڪري يوري?? جي پيداوار ۾ هن سال هڪ لک 80 هزار ٽن گهٽتائي ٿي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ مان ڀاڻ درآمد ڪرڻ جو فيصلو دير سان ٿيو جنهن جي ڪري قيمتن تي اثر پيو، هن وقت يوري?? جي ڪافي مقدار دستياب آهي، ذ??ير?? اندوزن ۽ ناجائز منافعي خورن مصنوعي کوٽ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن ۽ فرٽيلائيزر انڊسٽري سان گڏجي 12 ڊسمبر کان روزاني جي بنياد تي ڀاڻ جي دستيابي ۽ قيمت تي نظر رکي آهي، صوبن کي يوري?? جي دستيابي وڌائي وئي آهي، صوبائي حڪومتون ذ??ير?? اندوزن جي خلاف ڪارروائي ڪري رهيون آهن. هن چيو ته پنجاب حڪومت ان ڏس ۾ 950 ايف آءِ آرز ۽ 104 ملين رپين جا ڏنڊ هنيا ??هن، سنڌ حڪومت به ان ڏس ۾ قدم کنيا ۽ 4 ملين رپين جا ڏنڊ هنيا، انهن سمورن قدمن سان يوري?? جي دستيابي ۽ قيمت جي حوالي سان صورتحال بهتر ٿيڻ شروع ٿي آهي. هن چيو ته يوري?? جي قيمت جيڪا 5 هزار رپيا في ٻوري کان وڌي وئي هئي هاڻي اها 4451 رپيا في ٻوري ٿي وئي آهي، برآمدي يوريا ??ا ٻه جهاز 95 هزار ٽن يوريا کڻي اچي ويا ??هن، نيشنل فرٽيلائيزر مارڪيٽنگ لميٽيڊ ان جي ڊسٽري بيوشن ڪري رهي آهي، اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ يوري?? جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي. هن چيو ته وزارت سوال نوٽ ڪيا ??هن، انهن سمورن جو تفصيلي جواب وزارت ڏيندي.