اسلام آباد-28 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري ن??را?? وفاقي وزير مدد عل?? سنڌي پنجاب ۾ قائداعظم يونيورسٽي جي سب ڪيمپس جي تعمير ۾ غير معمولي دير جو سخت نوٽيس وٺندي 4 جنوري تائين ??نڪوائري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وفاقي وزير ايڇ اي سي جي ا??ڊوائيزر پلاننگ ۽ قائداعظم يونيورسٽي جي پي ا??نڊ ڊي جي ڊائريڪٽر ??ان ملاقات ڪئي. هن چيو ته اهڙي طرح جي دير ا??ان جي نوجوانن جي تعليمي سفر ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. هن ايڇ اي سي ۽ قائداعظم يونيورسٽي کي حڪم ڏنو ته هو ان بات سمورن التوا ۾ پيل مسئلن کي فوري طور تي حل ڪن ۽ ڪيمپس جي جلد تعمير کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنجاب حڪومت ??ان وڌيڪ تعاون ڪن. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته لاڳاپيل کاتن کي ناڪاره ۽ غير موثر انتظام لاءِ جوابده بڻايو وڃي. مدد عل?? سنڌي قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جو اوچتو دورو ڪيو، هن هاسٽلز جو دورو ڪيو ۽ چيو ته هاسٽلز جي موجوده حالت رحم جوڳي آهي، هن سهولتن جي ناقص سارسنڀال تي روشني وڌي، شاگردن ساڻس ملاقات ڪئي ۽ ناڪافي تعليمي سهولتن جهڙوڪ انٽرنيٽ جي دستيابي بابت پنهنجي درخواست تي روشني وڌي. ن??را?? وفاقي وزير صورتحال جو نوٽيس وٺندي فوري طور تي هاسٽلز جي بحالي جو حڪم ڏنو، هن چيو ته شاگرد ان وقت تائين ??عليم نٿا حاصل ڪري سگهن جيستائين کين ??نيادي سهولتون ميسر نه هجن. هن چيو ته جيڪڏهن شاگردن کي ا??ڙي طرح جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ته انهن لاءِ پنهنجي پڙهائي تي ڌيان ڏيڻ ناقابل تصور آهي. هن شاگردن کي خاطري ڪرائي ته هو هاسٽلز جي حالت کي فوري طور تي بهتر ڪرڻ جو حڪم ڏيندو، هن چيو ته اهڙن مسئلن کي جنگي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ا??هن مسئلن جي فوري حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.