اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب پاران ايڇ اي سي کي ڊگري جي تصديق جي حڪمن کي برقرار رکندي شاگردياڻي جي ڊگري جي تصديق کان انڪار تي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. صدر هدايت ڪئي ته 7 ڏينهن جي اندر شاگردياڻي جو وقت ضايع ڪرڻ جي ذميوارن جي خلاف انڪوائري شروع ڪئي وڃي. سويرا آفريدي (شڪايت ڪندڙ) پنهنجي بي اي ۽ ڊي ايم سي جي ڊگري جي تصديق جي ??اء?? ايڇ اي سي کي د??خواست ڏني هئي پر کيس ٻڌايو ويو ته جي??ن ته سندس ڊگري جو سيشن 2020ع هو، ان ??اء?? ان جي تصديق نه ٿي ڪري سگهجي ڇو ته ايڇ اي سي ٻه سالا روايتي طريقيڪار کي مرحليوار ختم ڪري ڇڏيو هو. تعليمي سال 2019ع کانپوءِ شاگردن کي روايتي بي اي ۽ بي ايس جي د??خلا ڏيڻ جي اجازت نه هئي. جنهن تي شڪايت ڪندڙ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو جنهن ان جي حق ۾ حڪم جاري ڪيا. ان کانپوءِ ايڇ اي سي وفاقي محتسب ۾ نظرثاني جي د??خواست داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو. بعد ۾ ايڇ اي سي صدر وٽ محتسب جي حڪمن جي خلاف درخواست ڏني. صدر ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي ڪئي ۽ ايڇ اي سي جي نمائندگي کي رد ڪري ڇڏيو. هن مشاهدو ڪيو ته شڪايت ڪندڙ کي پشاور يونيورسٽي سيشن 2019 – 2020ع جي ??اء?? داخلا ڏني هئي ۽ شڪايت ڪندڙ 01.09.2022 تي يونيورسٽي جو هڪ خط پيش ڪيو هو جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته شڪايت ڪندڙ جو بي اي جي ڊگري جي ??اء?? سيشن 2019 – 2020ع هو. جي??ن ته شڪايت ڪندڙ کي يونيورسٽي پاران سيشن 2019 – 2020ع جي ??اء?? داخلا ڏني وئي هئي، ان جي ??اء?? شڪايت ڪندڙ جو ڪو قصور نه هو ۽ ان کي يونيورسٽي جي غلطي جو نقصان نه کڻڻ گ??رج??. يونيورسٽي ان شاگردياڻي کي رجسٽريشن جي اجازت ڏئي ايڇ اي سي جي پاليسي جي خلاف ورزي ڪئي هئي. هن چيو ته وفاقي محتسب صحيح مشاهدو ڪيو آهي ته هڪ ريگيوليٽر جي طور تي اها ايڇ اي سي جي ذميواري آهي ته اها ??هو ڏسي ته ڇا ان جي فيصلن تي يونيورسٽيون عملدرآمد ڪري رهيون آهن يا نه جيڪو ايڇ اي سي پاران پنهنجي قانوني ذميوارين کي ادا ڪرڻ ۾ ناڪامي جي برابر آهي. صدر چيو ته ايڇ اي سي يا يونيورسٽي جي عدم فعاليت سان شاگردن کي تڪليف نه ٿيڻ گ??رج??. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ايڇ اي سي يونيورسٽي جي خلاف ڪا ڪارروائي ڪرڻ بدران شڪايت ڪندڙ کي بنا ڪنهن غلطي جي غيرضروري آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو ۽ اها ان جي ڊگري جي تصدق نه ڪري رهي هئي. تنهن ڪري صدر ايڇ اي سي جي نمائندگي کي ان مشآهدي سان گڏ رد ڪري ڇڏيو ته ايڇ اي سي کي انهن يونيورسٽين جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ گ??رج?? جيڪي ان جي رهنما اصولن يا هدايتن تي عمل نه ڪري رهيون آهن ته جيئن مستقبل ۾ شاگردن کي ان جي عدم فعاليت جي ڪري نقصان نه کڻڻو پوي. صدر اها هدايت ايڇ اي سي پاران 7 ڏينهن جي اندر شاگرد جي بي اي جي ڊگري جي ٽيسٽ ڪرڻ جي هدايت جي وفاقي محتسب جي فيصلي خلاف داخل ڪيل درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.