اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وف??قي وزير مدد علي سنڌي ڪالهه ايف سڪس ٿري اسڪول جو دورو ڪيو. پنهنجي دوري دوران هن اسڪول جي سهولتن ۽ تعليمي معيار کي وڌائڻ لاءِ مقامي برادري طرفان ڪل ذڪر جوڳين ڪوششن جو مشاهدو ڪيو. مقامي برادري جي ا??تم??عي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي نگران وف??قي وزير ايف سڪس اسڪول ۾ جاري بهتر سهڪار جي جذبي جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي وف??قي وزير الام آباد جي 20 سرڪاري پرائمري اسڪولن کي فور?? طور تي اپگريڊ ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته کيس ايف سڪس ٿري اسڪول کي جوڙيل تبديليءَ جي ماڊل سان هم آهنگ ڪيو وڃي. ه?? چيو ته انهن قدمن جو مقصد ايندڙ 6 هفتن ۾ ڄاڻايل ادارن تعليمي ڍانچي ۽ سکڻ جي معيار کي بهتر ڪري سگهجي.