مظفر آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قدمن سان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ڪمزور نه ٿيندي پر وڌيڪ مضبوط ٿيندي، پاڪستانين جي دل پنهنجي ڪشمير?? ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق ۽ قانونساز ??سي??بلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن قانونساز ??سي??بلي جي اسپيڪر چيمبر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي آزاد ڪشمير اچڻ تي ڀليڪار چئي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ۽ قانونساز ??سي??بلي جي اسپيڪر ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ??مو?? ۽ ڪشمير جي عوام سان ي??جهتي جي اظهار تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستانين جي دل پنهنجي ڪشمير?? ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قدمن سان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ڪمزور نه پر وڌيڪ مضبوط ٿيندي.