دبئي – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ جمهوريه ايسٽونيا جي ??زيراعظم ڪاجا ڪالس خوراڪ جي عدم تحفظ کي منهن ڏيڻ ۽ زرعي پيداواري ص??احيت کي وڌائڻ ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ تعليمي ادارن سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ جي ??وقعي تي جمهوريه ايسٽونيا جي ??زيراعظم ڪاجا ڪالس سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي ??ڌيڪ فروغ جي ??اءِ باقاعده اعليٰ سطحي مصروفيتن ۽ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اقصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ڪاجا ڪالس ٻنهي طرفن جي ??چ ۾ ٻٽي ٽيڪس جي خاتمي جي ڪنوينشن تي صحيحون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ ان جي آجيان ڪئي. ٻنهي وزيراعظمن خوراڪ جي عدم تحفظ کي منهن ڏيڻ ۽ زرعي پيداواري ص??احيت کي وڌائڻ ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ايسٽونيا سان گڏيل تعاون تي ٻڌل رابطن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ممڪن تعاون جي شعبن بشمول تعليمي ادارن جي ??چ ۾ تعاون وڌايو ويندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي ??عال ٿيڻ کي ساراهيندي موسمياتي تبديلي جي ??وذي اثرن کان بچاءُ جي ??اءِ ٺوس قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. ايسٽونيا جي ??زيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي عالمي ڳڻتي جو مسئلو آهي ۽ ان کي گڏيل طور تي حل ڪرڻ گهرجي. هن ماحولياتي تبديلي ۽ خوراڪ جي حفاظت جهڙن گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات پاڪستان پويلين ۾ ٿي. ان ملاقات ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي ??ين مسئلن بشمول موسمياتي تبديلي جهڙن خطرن تي ڳالهه ٻولهه جو موقعو فراهم ڪيو.