اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) ڪل جماعت حريت ڪانفرنس جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ ڄمون جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ اڄ سومر ڏينهن ڪنوينر محمود احمد ساغر جي صدارت ۾ هڪ ڪانفرنس منعقد ڪئي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو اڳوڻو صدر سر??ار يعقوب ان موقعي تي خاص مهمان هو، ڪانفرنس ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم سر??ار عتيق احمد خان، جماعت اسلامي اي جي ڪي جي امير ڊاڪٽر مشتاق حمد، وزير رياست احمد رضا قادري، پاڪستان ??نساني حقن واري ڪائونسل جي چيئرمين جمشيد احمد، ايڊووڪيٽ ??بي??ا ارشاد، ناصر قادري، راجا نجابت حسين، سيد يوسف نسيم، الطاف حسين واني، محمد رفيق ڊار، ملڪ اسحاق، حاجي عارف، عبدالغني لون، چوڌري فاروق، قاضي عمران، غلام نبي بٽ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. مقررين ڄمون جي شهيدن کي شان??ار خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ڪشميري عوام هن ڏينهن کي ان ??جديد عهد سان ملهائين ٿا ته اهي پنهنجي ناقابل تنسيخ حق، خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين شهيدن جو مشن جاري رکندا.