اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) ??اڪ??تان کي 2023ع کان 2027ع تائين جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم (يونيسڪو) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو ٻيهر ميمبر چونڊيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ??اڪ??تان جو يونيسڪو جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي ميمبر طور ٻيهر چونڊجڻ ۽ گڏيل قومن ۾ ??اڪ??تان جي پراڻي حمايت ۽ ان جي تعميري ڪردار جو ثبوت آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ايگزيڪيوٽو بورڊ جي ميمبر طور ??اڪ??تان يونيسڪو جو مينڊيٽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪندو ۽ پاليسي سازي، معيارن جي ترقي ۽ عالمي ترجيحن کي اڳتي و??ائ?? ۽ تنظيم جي پروگرامن سميت سرگرمين جي موثر نگراني ۾ پنهنجو حصو وجهندو. هن چيو ته ??اڪ??تان گهڻ رخي پرجوش حامي طور سڀني خطن ۾ رابطا قائم ڪرڻ، ٺوس نتيجن ۽ زميني اثرن جي لاءِ اهم مسئلن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.