اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪالهه اربع ڏينهن جده ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي هنگامي وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهو اجلاس پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي گهرايو هو جنهن ۾ ??زه جي بحران ۽ اتي محصور شهرين جي انساني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پنهنجي بيان ۾ نگران پرڏيهي وزير ??زه تي اسرائيلي جارحيت ۽ غيرانساني ناڪابندي جي شديد مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ فوتگي??ن، تباهي ۽ ماڻهو بي گهر ٿي رهيا آه??. هن گذريل ڏينهن ??زه جي هڪ اسپتال تي اسرائيلي حملي ۾ بيگناهه شهرين جي قتلام جي مذمت ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسرائيلي قابض فوج عالمي انساني حقن جي قانونن جي واضح خلاف ورزي ڪري رهي آه?? ۽ ان جو طاقت جو انڌاڌنڌ ۽ غيرمتناسب استعمال جنگي ڏوهه ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن جي برابر آه??. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها اسرائيل کان ان ڏوهه جو پُڇاڻو ڪري. نگران پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسرائيل کي فوري طور تي جنگ بندي، ??زه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ فلسطينين کي انهنجي گهرن مان زوري ڪڍڻ واري دهشتگردي جي مهم جو فوري خاتمو ڪرڻ گهرجي. هن ??زه ۾ تيز رفتار، محفوظ ۽ غيرمحدود انساني ۽ امدادي سامان جي فراهمي جي لاءِ انساني همدرديءَ جي لنگهن جي فوري ضرورت تي پڻ زور ڏنو. نگران پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تازي تڪرار جو بنيادي سبب ٻه رياستي حل تي عملدرآمد نه ٿيڻ آه??. هن فلسطيني عوام ۽ انهن جي خودمختياري جي حق جي لاءِ پاڪستان جي يڪجهتي ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي ۽ القدس الشريف کي ان جو گادي وارو شهر قرار ڏيندي فلسطين جي هڪ قابل عمل، محفوظ، لڳولڳ ۽ خودمختيار رياست جي جلد قيام تي زور ڏنو. ان موقعي تي نگران پرڏيهي وزير گيمبيا، ايران، ڪويت، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن سان پڻ ملاقاتون ڪيون.