اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ن??را?? وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چونڊن ۾ دير جي تاثر کي رد ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ذميواري سان پنهنجي چونڊ عمل کي يقيني بڻائي رهي آهي، چونڊن جي حتمي تاريخ اليڪشن ڪميشن ڏيندي، اليڪشن ڪميشن کي مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي وسيلا فراهم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، نواز شريف سينيئر س??اس??دان آهي، هو پنهنجي ??لڪ واپس اچي رهيو آهي، هر هڪ کي اظهار راءِ جي آزادي حاصل آهي، ڪنهن کي تنقيد جي حق کان محروم نٿو ڪري سگهجي، ن??را?? حڪومت نجڪاري جي حوالي سان پنهنجي طو?? تي ڪنهن اداري جي چونڊ ناهي ڪئي، ر??اس??ي ميڊيا تي سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج ڏني پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ??ي وي چينلز ”آج نيوز“ ۽ ”سنو نيوز“ جي ??رو??را??ن ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري ن??را?? وفاقي وزير 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ بابت پٽيشن جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي چيو ته قانون واري وزارت اليڪشن ڪميشن سان مشاورت کانپوءِ پنهنجو موقف سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪندي جڏهن ته حتمي فيصلو سپريم ڪورٽ جو هوندو. هن چيو ته صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي. هن چيو ته ن??را?? حڪومت آئين ۽ قانون تحت قائم ٿي آهي، اسان جا اختيار ۽ مدو محدود آهي، اسان آئين ۽ قانون تي عملدرآمد جا پابند آهيون. هن چيو ته ڪنهن جي بيگناهي ۽ سزا جو فيصلو عدليه کي ڪرڻو آهي جڏهن ته آئين موجب هر شخص کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي. هن چيو ته شڪايت ۽ تنقيد ڪرڻ جمهوريت جو حسن آهي، ڪنهن کي ان حق کان محروم نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته نواز شريف سينيئر س??اس??دان آهي، هو پنهنجي ??لڪ واپس اچي رهيو آهي. اسان جي ذميواري آهي ته اسان امن امان کي قائم رکون، ڪنهن به قسم جي بدانتظامي يا سيڪيورٽي جو مسئلو پيدا نه ٿئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ دير جو تاثر صحيح نه آهي، اليڪشن ڪميشن پنهنجو ڪم ذميواري سان ڪري رهي آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جنوري جي آخري هفتي ۾ چونڊون ڪرائڻ جو چيو آهي جڏهن ته حتمي تاريخ طئي ٿيڻ باقي آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي ڏنل شيڊيول عمل ڪري رهي آهي، سياسي پارٽين کي چونڊ مهم جي ??اءِ 54 ڏينهن ڏنا ويندا. هن چيو ته هر سياسي پارٽي جو پنهنجو هڪ موقف هوندو آهي، ملڪ ۾ جمهوريت ۽ اظهار راءِ جي آزادي آهي، ڪنهن کي تنقيد جي حق کان محروم نه ٿو ڪري سگهجي. هڪ سوال تي هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جو ڪو اڳواڻ ڪابينا ۾ موجود نه آهي. هن چيو ته چونڊن جي حتمي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن ڪندي جڏهن ته ان کي مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي جا وسيلا فراهم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. نجڪاري بابت هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري ن??را?? وفاقي وزير چيو ته ن??را?? حڪومت نجڪاري جي حوالي سان پنهنجي طو?? تي ڪنهن اداري جي چونڊ ناهي ڪئي، گذريل حڪومت ۽ پارليامينٽ پاران منظور ٿيل فهرست موجب نجڪاري تي عملدرآمد ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. هن چيو ته نجڪاري وارو ن??را?? وفاقي وزير ان حوالي سان شاندار انتظامي تجربو رکي ٿو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري ن??را?? وفاقي وزير چيو ته ر??اس??ي ميڊيا سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج ڏئي رهي آهي، پي ٽي وي تي سمورين پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج ملي رهي آهي.