اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قائد ملت لياقت علي خان شهيد کي قوم جي لا??ِ سندس بي پناهه خدمتن تي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هي ڏينهن اسان کي پاڪستان جي آزادي ۽ ان جي عوام جي ڀلائي لا??ِ قائد ملت جي اڻٿڪ عزم جي ياد ڏ??ار?? ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب قائد ملت جي 72 هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته لياقت علي خان آزادي جي جدوجهد د??را?? باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح سان گڏ بيٺل رهيو ۽ هن قوم جي تقدير بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. صدر چيو ته لياقت علي خان پاڪستان جي پهرين وزيراعظم طور خدمتون سرانجام ڏنيون، قائد ملت ملڪ جي خودمخت??ار?? جو وڏو چيمپئن ۽ شهرين جي ڀلائي جو وڏو حامي هو. صدر چيو ته لياقت علي خان شهيد پاڪستان جي شروعاتي سالن، قرارداد مقاصد اختيار ڪرڻ ۽ چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لا??ِ قوم جي رهنمائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته قائداعظم جي ويزن موجب هڪ ترقي پسند ۽ خوشحال پاڪستان حاصل ڪرڻ جي لا??ِ قائد ملت نئين قائم ٿيندڙ رياست جي بنيادن کي مضبوط ڪرڻ جي لا??ِ اڻٿڪ محنت ڪئي. صدر چيو ته قائد ملت جمهوريت، قانون جي حڪمراني، پناهگيرن جي آبادڪاري ۽ بحالي، ملڪ جي دفاع کي مضبوط بڻائڻ ۽ سماجي ۽ معاشي انصاف جي فروغ لا??ِ ڪم ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قوم سان لياقت علي خان جي مضبوط وابستگي قوم جي گڏيل شعور تي لا??وال نشان ڇڏيو آهي، هڪ متحد، جمهوري ۽ ترقي پسند پاڪستان جو قائد ملت جو ويزن اسان سڀني جي لا??ِ مشعل راهه آهي. صدر چيو ته ا??و نه رڳو لياقت علي خان جي قربانين ۽ خدمتن کي ياد ڪريون پر هڪ اهڙي پاڪستان جي تعمير جي لا??ِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون جتي انصاف، برابري ۽ اتحاد هجي. هن چيو ته ا??و قائد ملت لياقت علي خان کي خراج عقيدت پيش ڪندي هڪ بهتر ۽ خوشحال پاڪستان جي لا??ِ ڪم ڪريون. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ قائد ملت کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس نظريا ايندڙ نسل تائين اسان جي رهنمائي ڪندا رهن.