نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لا??اپن خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ تي ڌيان ڏيندي انهن لا??اپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ جي حڪومت جي پخ??ي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 ه??ن اجلاس جي موقعي تي اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان ٻطرفي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي پاڙيسري ??لڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لا??اپن تي زور ڏيندي نگران وزيراعظم خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ تي ڌيان ڏيندي انهن لا??اپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ جي پاڪستان جي پخ??ي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم زور ڏيئي چيو ته مند – بارڊر سرحدي مارڪيٽ جي تازي افتتاح سم??ت ٻيا قدم نه رڳو سرحدي علائقن جي معاشي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندا پر ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي گڏيل عزم جي واضح اظهار طور تي ڪم ڪندا. ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي ”پاڙيسري سڀ کان پهرين“ جي پاليسي علائقائي ترقي ۽ رابطن جي لاءِ پاڪستان جي ويزن سان پوري طرح هم آهنگ آهي. نگران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي لاءِ پنهنجي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻندي علائقائي امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏيڻ ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪ ايران لا??اپن ۾ اعليٰ سطح جي باقاعده مٽاسٽا، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙائي ۽ گڏيل دلچسپي جي سم??رن شعبن ۾ مضبوط تعاون شامل آهي.