اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي پناهگيرن ??ي اداري (يو اين ايڇ سي آر) ۽ پاڪستان حڪومت پناهگيرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ تڪرارن ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جي ڪري بي گهر ٿي??دڙ ماڻهن جي حوصلي کي خر??ج تحسين پيش ڪيو. ايشيا ۽ بحرالڪاهل جي خطي ۾ پناهگيرن جو انگ 2021ع ۾ 4.2 ملين مان وڌي 2022ع جي آخر تائين 6.8 ملين تائين پهچي ويو. خطي جا 90 سيڪڙو کان وڌيڪ پناهگير رڳو ٽن ملڪن ايران، پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ رهيل آهن. اسلام آباد ۾ سرڪاري عملدارن، سفارتي مشنز جي سربراهن، اين ??ي اوز ۽ گڏيل قومن ??ي ايجنسين، حصيدارن ۽ پناهگيرن عالمي پناهگيرن جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسلام آباد ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر خاص مهمان هئي. افغان پناهگيرن بابت چيف ڪمشنر عباس خان پڻ ان موقعي تي موجود هو. ان موقعي تي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ يو اين ايڇ سي آر جي نمائنده نوريڪو يوشيدا پناهگيرن کي تحفظ فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي تعليم ۽ صحت تائين پهچ فراهم ڪ??دڙ ميزبان ڪميونٽيز جي فراخدلي کي زبردست خر??ج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته پاڪستان ملڪ ۾ پناهگيرن جي لاءِ پنهنجي سخاوت ۽ مهمان نوازي ??و مظاهرو ڪندو رهندو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سڄي دنيا ۾ بي گهر ٿيندڙن جي وڌ??دڙ انگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته عالمي سطح تي بي گهر ٿيندڙن جو وڌ??دڙ انگ پاڪستان تي منفي اثر وجهي رهيو آهي جيڪو دنيا جي سڀ کان وڏي ڊگهي عرصي کان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي. هن چيو ته مالي چئلينجن جي باوجود اسان افغان ۽ ٻين پناهگيرن جي لاءِ پنهنجا دروازا کوليا آهن جڏهن ته عالمي برادري کي ذميواري جي حصيدار طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي. هن چيو ته افغانين جي حفاظت ۽ وقار سان رضاڪاراڻي وا??سي پاڪستان جي لاءِ ترجيحي حل آهي، افغانستان ۾ واپس اي??دڙ خاندانن کي مسلسل مدد فراهم ڪرڻ گهرجي ته جيئن وا??سي پائيدار ٿئي. ان موقعي تي افغان پناهگيرن جي چيف ڪمشنر عباس خان ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ/ هيومنٽيرين ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ افغان پناهگيرن جي ٻارن ثقافتي پرفارمنس پيش ڪئي. هڪ آرٽ جي نمائش ۽ پناهگيرن جي هٿن سان ٺهيل شيون پڻ نمائش ۾ پيش ڪيون ويون.